سنڌي ادب ۾ بعد جديديت

سنڌي ادب ۾ بعد جديديت

سنڌي ادب ۾ بعد جديديت

سنڌي ادب ۾ بعد جديديت (ڪتاب): هي ڪتاب، دهلي يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف ماڊرن انڊين لئنگويجز ۽ لٽرري اسٽڊيز پاران ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر روي ٽيڪچنداڻيءَ پاران، 28 کان 29 آگسٽ 2009ع تائين ٻه ڏينهن جي سڏايل ’سنڌي ادب ۾ بعد جديديت‘ سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جن کي روي ٽيڪچنداڻيءَ خود ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ آنند کيماڻيءَ جي ’سنڌي ادب ۾ بعد جديديت‘ بابت شروعاتي تقرير (Key Note Address) ڏيڻ کانپوءِ يارهن اديبن جا هيٺين موضوعن تي مقالا شامل ڪيا ويا آهن:
(1) سنڌي ڪهاڻي: ڊاڪٽر ستيش روهڙا، (2) شيام جئسنگاڻيءَ جون ڪهاڻيون: جائزو- ڊاڪٽر هاسو دادلاڻي، (3) سنڌي ادب ۾ بعد جديديت تـي نـاول جي حـوالـي ۾: مـوهـن گيـهـاڻـي، (4) آنـنـد کـيماڻـيءَ جي ناول ’اڻ لتاڙيل پيچرا‘ جي پسمنظر تي جائزو: ڀڳوان اٽلاڻي، (5) جديديت پڄاڻان ۽ سنڌي ڪهاڻي سنڌ ۾: شوڪت حسين شورو، (6) سنڌي ڪوتا/شاعريءَ ۾ بعد جديديت: واسديو موهي، (7) موهن ديپ جي نئين ڪوتا. سنگره (ڪتاب) ’منهنجي ڀاڃي جو هڪ حصو‘ تي جائزو: هيرو ٺڪر، (8) سنڌي ناٽڪ ۾ بعد جديديت: ميگهراج گرناڻي، (9) لکمي کلاڻيءَ جي ناٽڪ ’رئٽ ٽرئپ‘ جو جائزو: سُريش ببلاڻي، (10) پوسٽ ماڊرن سنڌي ساهت ۾ سيڪس سنٻنڌن جو چتر: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، (11) آنند کيماڻيءَ جي ناول ’وڄ اڃا ڪا نه ڪري آهي‘، جو جائزو: ڊاڪٽر ڪملاگر ڪلاڻي.
ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل ڪتاب، نرمل گوپلاڻي، ڊائريڪٽر، راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پرشد (NCPSL) نئين دهليءَ پاران، 2011ع ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ ان جي قميت ڄاڻايل نه آهي.


لفظ سنڌي ادب ۾ بعد جديديتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو